انجو ماکيجا

انجو ماکيجا: شاعر، مترجم ۽ ڊراما نويس انجو ماکيجا 17 ڊسمبر 1948ع تي پوني (مهاراشٽر، ڀارت) ۾ جنم ورتو. هوءَ زندگيءَ جو وڏو حصو ڪئناڊا ۾ رهي، جتي هن ڪنڪارڊيا يونيورسٽي مانٽريال مان ميڊيا اسٽڊيز ۾ ايم اي ڪئي آهي. هن کي انڊيا ۾ منعقد ٿيل ’شاعريءَ جي قومي مقابلي‘ ۾ سندس نظم Can You Answer Professor? تي Commendation prize، (1993ع) مليو، جڏهن ته سندس شهرت جو ڪارڻ سندس انگريزي نظم A Farmer’s Ghost رهيو، جنهن برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان ’دي پوئٽري سوسائٽي انڊيا‘ جي ڪوٺايل ’بين الاقوامي شاعريءَ جي مقابلي‘ (1994ع) ۾ پهريون انعام کنيو. هن جي شاعري هندستان جي انگريزي شاعريءَ جي انتخاب The Dance of The Peacock ۾ شامل آهي، جنهن ۾ هندستان جي 151 انگريز شاعرن جو انتخاب شامل آهي، جنهن کي وويڪانند جيها (Vivekanand jha) ترتيب ڏنو ۽ هڊن بروڪ پريس ڪئناڊا شايع ڪيو. هن جا ڊراما ’خواهشون گهوڙا هجن ها‘ (If wishes were horses) ۽ ’آخري ٽرين‘ (The last Train)، BBC جي ”عالمي ناٽڪ اوارڊ“، 1999ع لاءِ چونڊيا ويا.
هن جي ٻين ڪمن ۾ ‘All Together’ جي اشاعت آهي، جنهن ’نيشنل فلم فيسٽيول، ڪئليفورنيا‘ ۾ ملٽي ميڊيا پراڊڪشن جو 1985ع ۾ اوارڊ حاصل ڪيو. سندس نظمن جي ڪتاب ‘View From The Web’ (1995) کي به وڏي مقبوليت حاصل ٿي. هن BBC World poetry competition ۾ به ٻيو نمبر انعام حاصل ڪيو آهي. هن جي ترتيب ڏنل ڪتابن ۾’انڊو – انگلش ڊرامن‘ جا ٽي جلد (2007ع)، عورتن جي شاعريءَ جو انتخاب (1990ع – 2007ع): ‘We speak in changing Languages’ ۽ ڪهاڻين جي اينٿالاجي (Inside Dark Tunnel)، 2007ع مشهور آهن، جيڪي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيل آهن. هن جو هڪ اهم ڪتاب Freedam and Fishers آهي، جيڪو ورهاڱي تي مشتمل سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شاعر امداد حسينيءَ جو نظم به شامل آهي. هي ڪتاب 1998ع ۾ شايع ٿيو. ان کانسواءِ هوءَ ادبي سرگرمين ۾ نهايت سرگرم رهي آهي، هوءَ ساهتيا اڪيڊمي نئين دهليءَ جي انگلش ايڊوائيزري بورڊ تي 2003ع کان 2008ع تائين ميمبر رهي آهي. ڪيترن ئي تهذيبي پروگرامن جي آرگنائيزر ۽ پريس ڪلب ممبئيءَ جي تقريبن ۾ پڻ سرگرم رهي آهي. هوءَ انگلنڊ جي رسالي ‘Confluence’ لاءِ ڪالم پڻ لکندي رهي آهي.
انجو ماکيجا جو شهرت يافته ڪم شاهه لطيف جي رسالي جو منتخب انگريزي ترجمو آهي، جيڪو هن مشهور سنڌي شاعر ’هري دلگير‘ سان گڏجي ڪيو ۽ ‘Seeking the Beloved: The poetry of Shah Abdul Latif’ عنوان سان اهو ڪتاب ‘katha Books’ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. شاهه جي رسالي جو ڀارت ۾ هيءُ پهريون انگريزي ترجمو آهي. انجو ماکيجا هن وقت چرچ گيٽ ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ انجو ماکيجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.12.17  عيسوي

انجو ماکيجا 17 ڊسمبر 1948ع تي پوني (مهاراشٽر، ڀارت) ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صهبا اختر
ڀٽو حبيب الله
خانصاحب غلام علي جعفري
توڏو مري
چانڊيو زخمي
بشير احمد بشير
ثنائي مشهدي
حسين فقير ديدڙ
سرور نواز ٻگهيو
بشير منگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون